News & Current Affairs

August 7, 2008

فياض سومرو – هالي ووڊ جي هن فلم جو آخر مقصد ڇا آهي؟

Charlie Wilson’s War

هالي ووڊ جي هن فلم جو آخر مقصد ڇا آهي؟

فياض سومرو


جيڪڏهن ڪنهن جي پستول ۾ ڇهه گوليون آهن ۽ اهو انهن مان ٻه گوليون روسي فوجيءَ جي کوپڙيءَ ۾ لاهي ڇڏي ٿو ته ٻڌايو باقي گهڻيون گوليون بچيون؟ هي هو اهو سوال جيڪو سرد جنگ دؤران پشاور جي پسگردائي ۾ قائم افغان مهاجر ڪيمپن ۾ آمريڪي امداد تحت ڇاپيل نصابي ڪتابن ذريعي افغاني ٻارن کي پڙهايو ويندو هو. ڪَٿ (رياضي) پڙهائڻ جو اهو نفرت جوڳو ۽ بڇڙو طريقو آمريڪي سي آئي اي تيار ڪرايو هو. اصل ۾ نبيراسڪا Nebraska يونيورسٽي کي آمريڪي سي آئي اي افغان پناهگير ٻارن کي پڙهائڻ لاءِ نصاب ٺاهڻ جي ذميواري ڏني ويئي هئي. تنهنڪري ان يونيورسٽيءَ افغانستان، سردجنگ ۽ سوويت يونين کي نظر ۾ رکندي نصاب اهڙي طريقي سان ٺاهيو هو ته جيئن سوويت يونين ۽ سوشلزم جي خلاف نفرت پکيڙي سگهجي ۽ روسي فوجين کي مارڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ ويڙهاڪ پيدا ڪري سگهجن. هونئن به جيڪڏهن ڏسجي ته پوءِ اهو ساڳيو سوال اهڙي اُلر واري طريقي سان ڪرڻ بجاءِ ٻئي نموني سان به ڪري سگهجي پيو ته جيئن ننڍن معصوم ذهنن ۾ نفرت بجاءِ پيار ۽ محبت پيدا ٿئي ته جيئن اڳتي هلي اهي وڏا ٿي سُٺا ۽ چڱا شهري بڻجي ملڪ ۽ معاشري جي ترقي ۽ بهتريءَ لاءِ سٺي کان سٺا ڪم ڪري سگهن. مثال طور اهو ساڳيو سوال هنيئن به ڪري سگهجي ٿو ته، جيڪڏهن ڪنهن وٽ ڇهه گلاب جا گل آهن ۽ اهو انهن مان ٻه گلاب جا گل پنهنجي پريمڪا کي ڏئي ٿو، وٽس باقي گهڻا گلاب جا گل بچيا؟ پر جيڪڏهن ان سوال کي هر حالت ۾ هلندڙ حالتن پٽاندڙ ئي ٺاهڻو هو ته جيئن ٻار ان دؤر جي واءُ سواءُ کي به ڄاڻي سگهن ته پوءِ اهو ساڳيو سوال هنيئن به ٿي سگهيو ٿي ته ”هڪ بکن ۾ پاهه ٿيندڙ ٻار گندگيءَ جي ڍيرکي سڄو ڏينهن ڦلوري مانيءَ ڳڀا ڳوليندو رهيو نيٺ سڄي ڏينهن جي ڳولها کان پوءِ کيس گندگيءَ جي ڍير تان ڇهه مانيون لڌيون، جن مان هن ٻه مانيون پاڻ جهڙي ئي هڪ ٻئي بکايل ٻار کي ڏيئي ڇڏيون. ٻڌايو ته وٽس سندس ۽ سندس سڄي خاندان لاءِ باقي گهڻيون مانيون بچيون؟ پر گوليون هڻڻ واري سوال مان ئي پڌرو آهي ته نصاب جي ڇپائيءَ لاءِ امداد ڏيندڙن جو مقصد معاشري لاءِ شريف شهري ٺاهڻ نه بلڪ سندن لاءِ ڪرائي جا قاتل ٺاهڻ هو.

چوڻ جو مقصد هي ته هاڻي ان سچائي تي ته ڪنهن کي به ڪو شڪ نه رهيو آهي ته هن ملڪ ۾ ٿيندڙ هر اڇي ڪاري ۾ آمريڪا به هڪ اهم جز آهي. اهو ئي سبب آهي جو هتي هن ملڪ ۾ جيڪا به، جهڙي به ۽ جيتري به تبديلي اچي ٿي ان ۾ اسان جي عالمي حسينا آمريڪا جي عالمي حسن جي جهلڪ شامل ضرور هجي ٿي. ڇو جو اسان جا گدڙ سياستدان ته ڇڏيو، هتي ته اصل تي وڏا آڪڙ خور زيان خور به آمريڪي حسن جي ان جهلڪ کان ونئون ٿا وڃن. اهو ئي سبب آهي جو هن علائقي ۾ آمريڪا جي اسٽريٽيجڪ مفادن سبب هن ملڪ جي معاشيات کان وٺي سياست تائين هر ڳالهه ۾ آمريڪا ٽنگ اڙائيندو ئي رهي ٿو هن ملڪ جي معاملن ۾ آمريڪا جي ٽنگ ڪيتري حد تائين اڙيل آهي، ان جو اندازو ”چارلي ولسن وار“ فلم مان سولائي سان لڳائي سگهجي ٿو. هن فلم ۾ ايمي ايڊمس Amy Adams، جوليا رابرٽ Julia Robert، ۽ ٽام هينڪس Tom Hanks، جهڙا وڏا اداڪار شامل آهن. ‌فلم 2007 ۾ رليز ٿي چڪي آهي ۽ مشهور هدايتڪار، رائٽر ۽ پروڊيوسر مائيڪ نيڪولس Mike Nichols هن فلم جو ڊائريڪٽر آهي. فلم ۾ جنرل ضياءالحق جو ڪردار اوم پوريءَ ادا ڪيو آهي. فلم جي آکاڻي ٽيڪساس جي آمريڪي ڪانگريس مين چارلس ولسن (چارلي) جي چؤڌاري ڦري ٿي. جيئن سرد جنگ جي زماني جي جيمس بانڊ فلمن ۾ ڏيکاريل هوندو هو ته ڪيئن نه هڪ شخص اڪيلي سر سوويت يونين ۽ سوشلسٽ بلاڪ خلاف ڪارگذاريون ڪري ڪاميابيون ماڻي وٺندو هو، بلڪل تيئن ئي هن فلم ۾ به سوويت يونين جي شڪست جو ذميوار چارلس ولسن کي ڏيکاريو ويو آهي. پر مزي جي ڳالهه اها ته جنهن شخص سوويت يونين کي اڪيلي سر شڪست ڏني ان جي پسمنظر جي باري ۾ هي فلم گهڻو ڪجهه بيان نٿي ڪري. جنهن مان اها ڳالهه پڌري پٽ نظر اچي ٿي ته هي فلم اصل ۾ آمريڪي سي آئي اي جي ٺهرايل آهي .

فلم جي منڍ ۾ وائيٽ هاؤس ۽ 1980ع جو سال ڏيکايو وڃي ٿو. فلم موجب چارلي آمريڪي نيويءَ ۾ رهي چڪو آهي. تنهن کان پوءِ اهو نوجوان ليفٽينينٽ پينٽاگون جي هڪ اهڙي انٽيليجنس ٽيم سان لاڳاپجي وڃي ٿو، جنهن جو ڪم روس جي نيوڪليائي هٿيارن جي باري ۾ ڄاڻ هٿ ڪرڻ آهي. پر پوءِ همراهه 1961ع ۾ ستاويهن سالن جي ڄمار  ۾ فوج کي ڇڏي آمريڪي سياست ۾ حصو وٺي ٿو ۽ جلد ئي آمريڪي رياست ٽيڪساس جو سينيٽ ۾ ميمبر چونڊيو وڃي ٿو. ان کانپوءِ 1972ع ۾ ڪانگريس مين چونڊجي وڃي ٿو. تنهن کانپوءِ لاڳيتو ڪانگريس مين چونڊجندو رهي ٿو ۽ نيٺ 1996ع ۾ پاڻ ئي ان عهدي تان استعيفا ڏيئي ڇڏي ٿو. انهن هڙني ورهين دؤران سندس سڀ کان اهم ڪم افغان جهاد لاءِ فنڊ گڏ ڪرڻ هو. همراهه ڪانگريس مين چونڊجڻ کانپوءِ جلد ئي هڪ ڊفينس سب ڪاميٽيءَ جو اهم رُڪن بڻجي وڃي ٿو. پوءِ بليڪ ايرا آپريشن لاءِ منظور ڪيل پنج ملين ڊالرن جي منظور ٿيل رقم کي وڌرائيندي هڪ ارب ڊالرن تائين وڃي پهچايائين. جيئن ته کيس آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ، سي آئي اي ۽ فوج ٽنهي ۾ رهڻ جو تجربو هو، تنهنڪري ٽنهي هنڌن تي موجود پنهنجي تعلقاتن کي استعمال ڪندي هن نه رڳو اسرائيل، پاڪستان، مصر، سعودي عرب ۽ افغانستان جا دؤرا ڪيا بلڪ انهن جي وچ ۾ هڪ ڳجهو اتحاد به ٺهرايائين. مُنڍ ۾ آمريڪي ڪانگريس ان جي منظوري ڏني. پر پوءِ بليڪ پراجيڪٽ ۽ بليڪ ايرا آپريشن جي لاءِ گهربل واڌو ڳجها فنڊ پهريائين ڊفينس ( ۽ هاڻي هوم لينڊ سيڪيورٽيءَ) جي آڙ وٺي پنهنجي ئي هٿ گهڙيل ڪاميٽيءَ جي ڏهن يا ٻارنهه ميمبرن جي ذريعي پنهنجو پاڻ ئي رقم ۾ اضافو ڪندو ويو ته جيئن آئيني روڪاوٽن کان بچي هاؤس کان اجازت نه وٺڻي پوي.

انهن ڏينهن دؤران آمريڪي سي آئي اي جو آپريشن سائيڪلون هلندڙ هو، جنهن تحت آمريڪي سي آئي اي افغان ويڙهاڪ جيڪي پوءِ مجاهد سڏيا ويا ۽ هاڻي دهشتگرد سڏجن ٿا کي هلڪا هٿيار ڏيڻ لڳي ته جيئن جنگ سست رفتاريءَ سان هلندي رهي ڇو جو آمريڪي سي آئي اي جو خيال هو ته ائين نه رڳو روس مصروف رهندو بلڪ مسلسل جنگي ۽ فوج جي جاني نقصان سبب سندن ٿڪاوٽ ۾ واڌارو ايندو ويندو. هي اهي ڏيهاڙا هئا جڏهن چارلي ولسن پشاور ۾ افغان پناهگير ڪيمپ جو دؤرو ڪيو ۽ پوءِ واپسي تي آمريڪا پهچي منظور ٿيل پنج ملين ڊالر افغان فنڊ کي ڏهه ملين ڊالرن تائين وڌرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. تنهن کانپوءِ چارلي ولسن ان نيڪ ڪم ۾ اسرائيل ۽ مصر کي به شامل ڪري ورتو. اسرائيل وٽ روسي هٿيارن جو وڏو ذخيرو هو ته وري مصر وٽ اسٽنگر ميزائل هئا. جنرل ضياء هيوسٽن جو دؤرو ڪيو ۽ ان دؤري دؤران نام نهاد اميرالمومنين جنرل ضياء آمريڪين ۽ اسرائيلين کي ٻڌايو ته کيس اسرائيلي هٿيارن تي ڪو به اعتراض ناهي رڳو انهن تي ”ڊيوڊ اسٽار“ جي نشان وارو ٺپو لڳل نه هجي! يعني ڪوڏي حرام جو ڳسجي ۽ اُٺ سڄو جو سڄو هضم به ٿي ويو ۽ اوڳرائي به ڪو نه آئي.

فلم ۾ عام آمريڪين کي اهو ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي ته سوويت يونين افغانستان ۾ ظلم جي بازار لڳايو ويٺو هو ۽ اهو به ته آمريڪا کان وڌيڪ پاڪستان ان جنگ جو خواهشمند هو. چارلس ولسن آمريڪي آئين سان جيڪا ٽلَ ڪري فنڊ حاصل ڪيا ۽ آمريڪي آئين جي جيڪا خلاف ورزي ڪئي اها بلڪل صحيح هئي. ڇو جو هن اهو ڪم پاڪستاني صدر ۽ حڪومت جي چوڻ تي ڪيو هو. نه ته چارلي ته آمريڪا جو معصوم ۽ سچار پُٽ هو. فلم ۾ جنرل ضياء سان ملاقات ۾ برگيڊيئر راشد ۽ ڪرنل محمود ضياء کي مددگار طور ڏيکاريا ويا آهن.

فلم موجب نيٺ 1984ع ۾ باقاعدگيءَ سان ويڙهاڪن کي فنڊنگ ۽ جديد هٿيار سعودي تعاون سان پاڪستان جي رستي ملڻ لڳا. اسٽنگر ميزائيلن جي سپلائي جي اهم موڙ ۽ موقعي تي سوويت بلاڪ خلاف آمريڪا جي ان جنگ جي لاءِ اهو طئ ڪيو ويو ته ان ۾ مذهب جو جزو به شامل ڪيو وڃي ته جيئن ويڙهاڪ سستي اگهه تي وڌيڪ بي جگريءَ سان وڙهن ۽ شهادتون ماڻيندي به نه ڊڄن ۽ آمريڪا جو ڪم سستي ۾ ئي ٿيندو رهي. تنهنڪري سوويت يونين خلاف آمريڪي سي آئي اي جي ان آپريشن کي ”جهاد“ ۽ ويڙهاڪن کي مجاهد سڏيو وڃڻ لڳو. هن فلم ۾ مزي جي هڪڙي ٻي ڳالهه اها به آهي ته چارلي ولسن اهو سڄو ڪم پاڪستان لاءِ، پاڪستان کان کيس هر مهيني ملندڙ 30 هزار ڊالر ماهوار پگهار جي عيوض ڪندو هو .

سڄي فلم ۾ ڪٿي به اهو محسوس نه ڪرايو ويو آهي ته جنرل ضياء ڪو هڪ آمر هو، جنهن جمهوريت تي راتاهو هڻي اقتدار تي قبضو ڪيو هو ۽ ان چونڊيل وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاسي ڏني هئي. بلڪ فلم ۾ اهو ڏيکاريو ويو آهي ته جنرل ضياء ته اصل ۾ نيڪ دل انسان هو، جنهن جو اصل ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي قتل ۾ ڪو به هٿ نه هو. بلڪ اها ته ڪورٽ هئي جنهن ڀُٽي کي سندس ڏوهه جي سزا ٻڌائي هئي ۽ اهو به ته 2001ع تائين چارلي ولسن پاڪستان جي پيرول تي هو ۽ ان کان پهرين اهو اسرائيل جي پيرول تي هو . ”هئا اڳئين گڏ ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا“ ۽ اسين ”واڻيو پنج به سهي ۽ پنجاهه به سهي“ واري چوڻي وانگر هروڀرو گروگهنٽال پيا وڄائيون. اَٽو کاڌو ڪُوئي، مار پئي گابي تي واري ڳالهه وانگر اسين اجايو ڏينهن رات سس جي مار پيا کائون . مختصر اهو ته لڳ ڀڳ مفت ۾ اها فلم توهان ڳنڍڄار (انٽرنيٽ) تي ڏسي سگهو ٿا. ان لاءِ گوگل ڊاٽ ڪام تي وڃي ان ۾ هي ٽي لفظ Charlie Wilson’s War لکي ٺڙڪ (ڪلڪ) ڪيو. توهان کي هن فلم لاءِ ياهو ۽ يوٽيوب وغيره جون هن فلم لاءِ هڪ کان وڌيڪ ڪڙيون (لنڪ) نظر ايندا جن کي ٺڙڪ ڪري توهان فلم جون جهلڪيون ڏسي سگهو ٿا.

indus_canada@yahoo.com

Leave a Comment »

No comments yet.

RSS feed for comments on this post. TrackBack URI

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out /  Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out /  Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out /  Change )

Connecting to %s

Blog at WordPress.com.

%d bloggers like this: